ڏيهي پرڏيهي ساز

ڏيهي پرڏيهي ساز

ڏيهي پرڏيهي ساز

ڏيهي پرڏيهي ساز (ڪتاب): هي ڪتاب ٻن ناليوارن محققن سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ جي گڏيل تصنيف آهي. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن جي پهرئين حصي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي هڪ سؤ يارنهن سازن جو مڪمل تعارف ڏنو ويو آهي. ٻئي حصي ۾ مشهور ٻاونجاهه سازندن جا تعارف ۽ ٽئين حصي ۾ ڏيهي پرڏيهي سازن توڙي سازندن جون تصويرون شامل آهن. هيءُ ڪتاب موسيقيءَ جي شائقن لاءِ هڪ اهم ۽ معلوماتي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
ناشر پاران سنڌالاجيءَ جي انچارج ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا، ڪتاب جي اهميت تي روشني وڌي آهي. ڊيمي سائيز جي، چار رنگي ٽائيٽل سان هن ڪتاب ۾ 276 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي. هي ڪتاب جو پهريون ڀاڱو آهي، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري، اپريل 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ ڏيهي پرڏيهي سازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو